پنگريو (ن پ ا) ديھه احمداڻي واسين ڳوٺ ويرسي مل جي اوطاق لڳ خريد ڪيل پلاٽن تان بي دخل ڪرڻ خلاف ڪولھي برادري جي عورتن مردن مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو. پاڪستان ڪولھي اتحاد جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر پنھون مل عوامي تحريڪ سنڌ ھندو سجاڳ تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ ڪامريڊ ڪرشن ڪولھي ڀڳت پڌو مل ڀڳت ڪيول نارائڻ ڪولھي شريمتي ھلو ٻائي شريمتي اجو ٻائي  ۽ ٻين چيو ته 50سال اڳ  3 ايڪڙ پلاٽ پڊ لاءِ خريد ڪري ڳوٺ قائم ڪيو ھو 50کان  مٿي سندن گھر ٺھيل آھن پرھن وقت اھو با اثر پنھنجي زرعي زمين وڪرو ڪري رھيو آھي  ۽ ڳوٺ واري ايراضي به وڪرو ڪرڻ چاھي ٿو، پوليس جي مدد سان ڳوٺ  خالي ڪرائڻ لاء ڪوڙا ڪيس  داخل ڪري رھيو آھي اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.