پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۾سنڌو مان 6 ڪئنال ڪڍي چولستان جي بنجر زمين آباد ڪرڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪمپنين کي ڏيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي بھادر واهه کان خليفو قاسم تائين ريلي ڪڍي پنج ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو، مارچ ۾سوين عورتن ۽ مردن ڳوٺ گل حسن چانڊيو لڳ بھادرواهه کان ريلي ڪڍي سخت نعري بازي ڪندي پنڌ ڪري خليفه قاسم پھتا، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زينت سمون، نسرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، قومي عوامي تحريڪ جي رشيد گوپانگ، بچل احمداڻي، گل حسن چانڊيو، حسين درس ۽ ٻين ريلي دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف اڀ ڏاريندڙ نعريٰ ھڻي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن جي نيلامي کي رد ڪيو، ھنن چيو ته وفاق جي چوڻ تي سنڌ جي آبادگارن تي ڳرا ٽيڪس ھڻي سنڌ جي زراعت تباهه ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي نوجوانن کي نشي جو عادي بڻائي سنڌ جو نسل تباهه ڪيو پيو وڃي.