پنگريو  (ن پ ا) ايران خلاف اسرائيلي جارحيت تي پنگريو جي نوجوان اتحاد پاران  شادي سمال واه جي موري کان  احتجاجي ريلي ڪڍي  گڏھ تي نيتن ياھو جو پتلو ٺاھي شھر جو گشت ڪري  پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو، جتي آفتاب لغاري رجب علي شاه  حاڪم شورو جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي دوران اسرائيل ۽ آمريڪا جي خلاف سخت نعريبازي ڪري پتلي کي باھ ڏئي سخت نفرت جو اظھار ڪيو. ھنن چيو ته فلسطيني عوام کانپوء ايراني عوام تي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ لاء عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ گھرجي ۽ ايران ڏانھن اسرائيل ۽ آمريڪا جي ھر غير اخلاقي غير انساني عمل جي روڪ ٿام لاء ڪوششون وٺڻ گھرجن ته جيئن فلسطين ۽ ايران ۾ قتل عام بند ٿي سگھي ھنن پاڪستاني  سرڪارى  توڙي عسڪري قيادت طرفان اسرائيل جي ڀرپور مخالفت ڪرڻ تي کين  خراجتحسين پيش ڪيون ٿا،