پنگريو (ن پا ) پنگريو ۾  رمضان شريف ۾ مھانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آھي جنھن ڪري عام استعمال جون شيون غريب پورھيت جي خريداري کان مٿي چڙھي ويون آھن خاص ڪري کنڊ 105 مان 140 رپيا ڪلوگيھ 550 مان 600 سؤ رپيا ڪلو داليون چڻا ماش ۽ مڱ في ڪلو تي 40 کان 50 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آه باسپتي چانور 350 رپيا ۽ ايري 150 سؤ رپيا ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن جڏھن ته ڪولڊ اسٽوريج وارو فروٽ  صوف 400 سؤ رپيا ڪلو چڪو 300 سؤ رپيا ڪلو ڪيلا 200 سؤ رپيا ڊزن وڪرو ڪيو پيو وڃي ڀاڄين ۾ ميھا 200 سؤ رپيا ڪلو ڀينڊي 250 سؤ رپيا ساوا مرچ ھڪ سؤ رپيا ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃن شربت 350 رپيا ننڍي بوتل ۽ جمبو پيڪ 11 سؤ رپيا بوتل وڪرو ڪئي پئي وڃي رمضان کان اڳ ننڍي بوتل 300 سؤ ۽ جمبو بوتل 900 سؤ رپيا وڪرو ڪئي پي وئي  ٻي پاسي  آمند  رمضان وقت سنڌ جي مقامي آبادگارن جو پوکيل فروٽ گدرو ۽ ڇاھين  گھٽ مقدار ۾ اچڻ ڪري ھڪ سؤ کان ڏيڍ سؤ تائين في ڪلو وڪرو ڪيو پي ويو  ٻي  ڏھاڪي ۾  وڏي مقدار ۾ مارڪيٽ ۾ اچڻ سبب  اگھ  ۾ گھٽتائي  اچي وئي آهي جنھن ۾ ڇاھين 40 کان 50 رپيا ۽ گدرو  25کان 50 رپيا ڪلو  وڪرو ٿي رھيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته پنگريو جي عوام کي مھانگائي ختم ڪري رليف ڏنو وڃي ته جيئن رمضان جو ڀلارو مھيني ۾  آساني سان روزيداري ڪري سگھن.