پنگريو(ن پ ا) پنگريو پوليس جي حد حيات خاصخيلي ۾ سس ۽ سھري جي ظلمن خلاف ڀاءُ ۽ ڀيڻ محمد اشرف مڱڻهار ۽ نجمه مڱڻهار پريس ڪلب پھچي ويا جتي دانھيندي محمد اشرف پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته با اثرن جي سپورٽ جي ڪري عثمان ، نويد، غلام علي ۽ مسمات پوڙهي مڱڻهار وارا زال سان ملڻ نٿا ڏين ٽي نياڻيون زبردستي ڦري ويھاري ڇڏيون آھن، زال نشي واريون گوريون کارائي ذھني طور معذور ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏھن ھڪ ھفتي ۾ انصاف نه مليو ته پاڻ ساڙي ڇڏيندس جنھن جي ذميوار سس سھرو زال ۽ پنگريو ٿاڻي جي حد حيات خاصخيلي پوليس پوسٽ جو عملو ھوندو، ھوڏانھن نجمه مڱڻھار پنھنجي اخبار اڳيان دانھيندي چيو ته منھنجي سس پوڙھي مڱڻھار مون کي گھر مان تشدد ڪري ڪڍي ٿي ڇڏي ته تون پنھنجي ڀاءَ کي ڇو ٿي گھر اچڻ ڏي، منھنجو اڪيلو ڀاءَ آهي جڏھن مٿس ھو تشدد ڪن ٿا ته مجبور ٿي ھو منھنجي گھر اچي ٿو، جڏھن تشدد جي شڪايت پوليس کي ڏيون ٿا ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي علائقي جا چڱا مڙس به انھن سان گڏ آھن جنھن جو وس وارا نوٽيس وٺي کين انصاف ڏيارين، انھي موقعي تي معصوم ٻارڙي نينان چيو ته ناني ماءُ ۽ نانو پي سان ملڻ نٿا ڏين ۽ تشدد ڪن ٿا.