پنگريي ۾ ايڪتا جا رنگ نروار، سائنسي، فوڊ ۽ ثقافتي اسٽال لڳايا ويا

0
19
پنگريي ۾ ايڪتا جا رنگ نروار، سائنسي، فوڊ ۽ ثقافتي اسٽال لڳايا ويا
پنگريي ۾ ايڪتا جا رنگ نروار، سائنسي، فوڊ ۽ ثقافتي اسٽال لڳايا ويا

پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي ڏنل سڏ تي “انتھا پسندي کان آجي سنڌ” جي سري ھيٺ اعلانيل پهرين ڊسمبر ايڪتا ڏينھن جي سلسلي ۾ تياريون زور پڪڙي ويون آهن، جنھن ۾ پنگريو جي دي ايجوڪيشنل ورڊ اسڪول انتظاميا سائنسي ايگزيبيوشن ۾ فوڊ گالا۽  ثقافتي اسٽال لڳايا ويا، جتي پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ آيل مھمانن چيو ته دنيا جون وڏيون ثقافتون ۽ تھذيبون به زوال جو شڪار ٿي رھيون پر سنڌ واحد خطو آهي جتي علي قاضي جي محنتن سان اڄ به سنڌ جي ثقافت زندهه آهي، تقريب ۾ ٻارڙن سنڌي روائتي کاڌن جا اسٽال لڳايا، جتي وڏي رش ڏسڻ ۾ آئي، سنڌ جي ڪلچر جو شيون دلا، مٽ، ڪھاڙي، ڏانٽو، ڀرت ڀريل جھولا ۽ ٻيون شيون رکيون ويون ھيون