پنگريو (ن پ ا) پنگريو ۾ ايڪتا تقريبون جاري شاگردن شاگردياڻين استادن ۽ والدين پنگريو ڀرسان عارف پبلڪ اسڪول صديق ڳاھو ۾ سنڌي ثقافتي (ايڪتا) ڏينهن ملايو ويو جنھن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف نصابي ۽ ھم نصابي سرگرمين ۾ پنھنجا جوھر ڏيکاري تقريرون، ٽيبلوز، لوڪ گيت، ملھه راند، قُئيز ڪانپيٽيشن ۽ ايڪٽنگ جا ايٽم پيش ڪري پنھنجي صلاحيتن جو مظاھرو جنھن ۾ الھبچائي امتياز علي شھباز رند شيراز شھباز ڳاھو تعليم تي ٽيبلو پيش ڪيو  (عائيشه گروپ) مزاحيه ڊانس پيش ڪئي (شڪيل گروپ) انٽرويو جي پس منظر ۾ ٽيبلوز پيش ڪيو (امداد ۽ شھمير  گروپ) مزاحيه انگلش ۽ سنڌي جو گاڏڙ ٽيبلوز پيش ڪيو جڏھن ته فريد ۽ عظيم علامتي  ملھه راند جو ٽيبلوز پيش ڪري تاڙيون وڄرائي واه واه ڪرائي ڇڏي انھي موقع تي ٽيبلوز ۾ حصو وٺندڙ گروپن جي حوصلا افزائي لاءِ پرنسپل علي حسن ڳاھو ۽ ٻين پاران  انعام ڏنا ويا آهن.