پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان 2 معصوم ٻارڙيون واٽرڪورس ۾ ٻڏي فوت خبر موجب پنگريو ڀرسان ڳوٺ سليمان کوسو ۾ 6 سالن جي معصوم نياڻي آميسه ڌيءَ مرحوم شھباز کوسو ۽ 5 سالن جي معصوم نياڻي شيرازان ڌيءَ سڪندر کوسو راند ڪندي گھر جي ڀرسان وھندڙ واٽر ڪورس ۾ ڪري ٻڏي ويون، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٻاھر ڪڍي صحت مرڪز پنگريو آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻنھي ٻارڙين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنھن بعد وارث لاش کڻائي گھر پھتا ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، واضع رھي ته شھباز کوسو 2 سال اڳ روڊ حادثي ۾ موت واقع ٿيو ھو، جنھن ڪري يتيم نياڻي آميسه جي ٻڏي فوت ٿيڻ تي سڄو ڳوٺ سوڳوار بڻجي ويو آهي.