پنگريو(ن پ ا) پنگريو ڀرسان ڳوٺ عبدالرحيمان احمداڻي لڳ رستي تان ايم پي ٿري مان ڪلام وڄائي مٽڻ تان احمداڻي ۽ کوسو برادري ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن ۾ احمداڻي برادري جو ھڪ نوجوان عرفان علي احمداڻي لٺيون ڪھاڙيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنھن کي پنگريو پوليس علاج لاءِ ليٽرجاري ڪيو زخمي کي پنگريو صحت مرڪز آندو جتي ڊاڪٽر موجود نه ھئڻ سبب زخمي عرفان احمداڻي کي ٽنڊوباگو تعلقه اسپتال ريفر ڪيو ويو، پنگريو صحت مرڪز ۾ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي زخمي نوجوان جي پي منظور احمداڻي ٻڌايو ته سندن عورتون فصل مان گاھ ڪري رھيون ھيون ته کوسي برادري جا نوجوان اتان ايم پي ٿري ۾ ڪلام وڄائي عورتن ڀرسان لنگھيا منع ڪرڻ تي سندس پٽ عرفان مٿان انھن ڪھاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪيو، انصاف ڪيو وڃي.