پنگريو (ن پ ا) پنگريو پوليس جي حد ڳوٺ محمد خان لغاري ۾ پوليو ڦڙا نه پيارڻ وارو مامرو ٿاڻي تائين پهچي ويو، ڳوٺاڻن تي ڪيس داخل، خبر موجب پنگريو ڀرسان يونين ڪائونسل خليفو قاسم جي ڳوٺ محمد خان لغاري ۾ ڪجھه ڏينھن اڳ پوليو مھم دوران ڳوٺاڻن پاران پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ تان ڳوٺاڻن ۽ انتظاميه وچم ڪشمڪش شروع ٿي وئي ھئي، ڳوٺاڻن جو مطالبو ھو ته برساتن ۾ بيٺل پاڻي جو نيڪال نٿو ٿئي، گھر توڙي فصل ٻڏي ٿا وڃن، جنھن ڪري کين سم نالو ڪڍي ڏنو وڃي ته پوءِ پوليو جا ڦڙا پيارينداسين جنھن تي پوليو ٽيم اي سي ٽنڊوباگو ۽ ڊي ايس پي سميت انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن وچم ڳالھين جي ناڪامي بعد پنگريو ٿاڻي تي سرڪاري فرياد تي ڳوٺ محمد خان لغاري جي ڳوٺاڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ صدرالدين، راشد، نويد، اعجاز، رسول بخش ۽ دوست محمد سميت 8 ڄڻن مٿان پوليو ٽيم کي گارگند ڪرڻ ۽ کين ٿيلھا ڏيڻ سميت سرڪاري ڊيوٽي ۾ رنڊڪ وجھڻ جو پنگريو پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، انھي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن نويد، اعجاز، رسول بخش ۽ ٻين پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ڪوبه جھيڙو وغيره نه ٿيو ھو، پوليو مھم جو اخلاقن ۽ احتجاجن بائيڪاٽ ڪيو ھو، واضع رھي ته 16 کان 21 ڊسمبر تائين پوليو مھم دوران ڳوٺاڻن آخر تائين ٻارڙن کي پوليو ڦڙا نه پياريا ھئا، جنھن ڪري 22 ٻار پوليو جي ڦڙن پيارڻ کان رھجي ويا آهن.