پنگريو (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختارڪارٽنڊو باگو  ۽ انٽيليجنس بيورو ٽيم گڏيل ڪاروائي ڪندي پنگريو جي ڪرشناغ ٽريڊس جي مالڪ راجيش پٽ جامن داس جي گودام مان  780 ٻوريون  کنڊ ھٿ ڪري گودام سيل ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ مختارڪار ٽنڊوباگو غلام ياسين پنھور پنھنجي اخبار کي رابطي تي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته پنگريو ۾ کنڊ زخيرو ڪئي پئي وڃي، جنھن تي اسان ۽ انٽيليجنس بيورو گڏيل ڪاروائي ڪري سرڪار جي رمضان رليف اگھه 130 رپيا تي مارڪيٽ ۾ اسٽال لڳائي کنڊ وڪرو ڪئي ويندي، ٻئي پاسي پنگريو شھر ۾ رمضان شريف شروع ٿيندي ئي واپارين کنڊ جو مارڪيٽ اگھه وڌيڪ ھجڻ جو جواز ڄاڻائيندي کنڊ جي في ڪٽي تي پنج سو روپيه تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽کنڊ جي ڪٽي تي پنج سو جي واڌ سبب شھر ۾ کنڊ في ڪلو 160 مان وڌي 170 روپيه ٿي وئي آھي.