پنگريو (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو باگو پنگريو جي 20 جي لڳ ڀڳ پيٽرول پمپن مان صرف ٽن پيٽرول پمپن تي ڇاپا  ھڻي هڪ کي سيل ٻه پيٽرول پمپن تي ڏنڊ لڳايو  خبر موجب اسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوباگو ثناء ﷲ صدر پنگريو ۾  اچانڪ پيٽرول پمپن تي ڇاپا هڻي پيٽرول پمپن جي ماپ چيڪ ڪئي ۽ ريٽ پڻ چيڪ ڪيا جنھن ۾ تيل جي ماپ گهٽ هئڻ ۽ ريٽ ۾ فرق سبب  اسسٽنٽ ڪمشنر ڪاوائي ڪندي پي ايس او پيٽرول پمپ تي 95ھزار رپيا ڏنڊ   ۽ ڪالٽيڪس   پيٽرول پمپ تي 75ھزار رپيا ڏنڊ لڳايو ۽ پارس پيٽرول پمپ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي انھي موقع تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته   ڊپٽي ڪمشنر بدين جي هدايت ۽ عوام جي شڪايتن تي پنگريو جي پيٽرول پمپن جي ماپ چيڪ ڪئي آهي جيڪا گهٽ نڪتي  ۽ ريٽ ۾ فرق آيو آهي، جن خلاف ڪاروائي ڪري هڪ پمپ کي سيل ڪيو آهي ۽ ٻن پيٽرول پمپن تي ڏنڊ هنيو آهي