پنگريو(ن پ ا)پنگريو ڀرسان اولياء پير قائم محمد شاه قريشي جو ساليانو عرس مبارڪ ٿي گذريو جنھن ۾ گادي نشين پيراميرشاه قريشي جو چادرھي چاڙھي دعا گھري ۽ لنگر ورھايو ويو انھي موقع تي سنڌ جي تاريخي راند ٻيلھاڙو جا مقابلا ٿيا جنھن ۾ محبوب شيدي کي معشوق پنجابي جهلھ ڪري راند کٽي ورتي واحد مراد شيدي وحيد دلواڻي کي ڇنڊ نه ڪري سگھيو ۽ ھارائي ويو زارق شيدي لالو وھنداڻي کي تريون ھڻي ڇنڊ ڪري ڪامياب ٿي ويو وزير پنھور دلدار ملاح کي ڇنڊ به ڪئي ۽ جهلھ به ڪري ٻئي رانديون کٽي ورتيون جڏھن لالاعرفان ڀٽي ذاھد لنڊ کي ڇنڊ ڪري مقابلو کٽي ورتو اھڙي ريت ٻيلھاڙو راند جي پھلوانن ھڪٻئي کي مختلف داء پيچ کيڏي مقابلا کٽي ميدان ۾ ويٺل شوقينن کان خوب انعام حاصل ڪيو