پنگريو (ن پ ا)پنگريو ۽ آسپاس جي علائيقن ۾ آبادگارن پاران پوکيل سارين ڦٽين مرچن ۽ ڪمند جي فصلن کي نائيٽروجني ڀاڻ جي سخت ضرورت سبب يوريا ۽ امونيم نائيٽريٽ ڀاڻ ڊيلرن مارڪيٽ مان لڪائي ڇڏيو جنھن خلاف آبادگارن ارشد چانڊيو، فيصل آرائين، مخدوم اڪبر، شوڪت راجپوت پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان مسلسل احتجاج ڪريون پيا ته پنگريو ۽ آسپاس ڊيلرن يوريا ڀاڻ لڪائي ڇڏيو آهي پر انتظاميا صرف ضلعي ھيڊڪواٽر بدين ۾ ڪجھه آبادگارن کي پرچي لکي ڀاڻ ڏنو آهي، جنھن جوسرڪاري اگهه 3420 رپين بدران 4500 رپيا ورتو پيو وڃي، جڏھن ته ڊيلرن آفيسرن ۽ ڪمپين جي ملي ڀڳت جي ڪري ھٿرادو يوريا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، ھوڏانھن ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر بدين پنھنجي اخبارکي رابطي تي ٻڌايو ته يوريا ڀاڻ جي کوٽ ڊالر مھانگو ٿيڻ سبب امپورٽيڊ يوريا جي ملڪ ۾ نه اچڻ ڪري بحران پيدا ٿيو آهي، ھن ڀيري ضلعي کي ڪوٽا جو اڌ ڀاڻ به نه پيو ملي، جنھن ڪري کوٽ ٿي آهي، تنھن ھوندي به ڪوشش ڪريون پيا ته بليڪ مارڪيٽنگ کي روڪي سگھون جنھن مختلف ھنڌن ڇاپا به ھنيا آھن.