پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان ديهه ھنجر ھڏي ۾ بااثر جي ناانصافين خلاف ڪولھي برادري جي ھارين پريس ڪلب اڳيان ڊاڪٽر پنھون ڪولھي، ڪامريڊ ڪرشن ڪولھي، تماچي ڪولھي، ھاري پنھون ڪولھي ۽ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي متاثرن چيو ته زميندار 850 مڻ ساريون 20 مڻ اسپنگر ۽ 15 مڻ توريو زرعي زمين مان کڻي ويو آهي، جنھن جو ھڪ سال کان حساب نٿو ڪري۽ بچت گھرڻ تي ھاري پنھون ڪولھي کي زميندار اصغر کوسو گھران کڻي سندس ڳوٺ ٽنڊو محمد خان ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪي ڏني ته ٻيھر وري بچت ۽ حساب جي ڳالهه ڪئي ته سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، اھڙي شڪايت پنگريو پوليس ۽ ايس ايس پي بدين کي لکت ۾ ڏيڻ باوجود با اثر زميندار اصغر کوسو خلاف انتظاميا ڪاروائي نٿي ڪري، ھنن سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي پنھون ڪولھي سان ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺي فصل جي بچت ڏياري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.