پنگريو (ن پ ا) پنگريو لڳ ڳوٺ فقير فيض محمد بلالاڻي ۾ نشي واري مٺائي کائڻ سبب ھڪ ئي گھر جا نوجوان ڇوڪري سميت ٽي ڀاتي بيھوش ٿي ويا جنھن ۾ محمد عارب ليل، سندس نوجوان نياڻي سلمه ۽ پٽ سلمان کي بيھوش حالت ۾ پاڙي وارن رورل ھيلٿ سينٽر پنگريو پھچايو، جتي سندن علاج ڪيو ويو، جنھن ۾ عارب ليل ۽ سندس پٽ سلمان ھوش ۾ اچي ويا ۽ نوجوان نياڻي سلمه کي وڌيڪ علاج لاءِ ٽنڊوباگو صحت مرڪز نيو ويو، معلوم ٿيو آهي ته پنگريو مان موبائيل فون تي اطلاع بعد 2 پيڪٽ مٺائي جا ھڪ نوجوان موڪليا ھئا ته خيرات جي مٺائي آهي، جنھن ۾ ھڪ لڏون ٻي ۾ مائو مٺائي پيل ھئي، جنھن جي کائڻ سان ٽئي گھر ڀاتي بيھوش ٿي ويا، پاڙي وارن بيھوش ڳوٺاڻن کي پنگريو صحت مرڪز آندو، پنگريو صحت مرڪز ۾ بيھوش عارب ليل جي پاڙيسرين جو چوڻ ھو ته رات جي وقت مٺائي استعمال ڪرڻ بعد ٽئي گھر ڀاتي صبع جو دير تائين سجاڳ نه ٿيڻ سبب ھنن ڏٺو ته ٽئي گھر ڀاتي بيھوش پيل ھئا، جن کي اسپتال آندو.