پنگريو/ملڪاڻي (نمائندا) ملڪاڻي شريف لڳ ڳوٺ مسو چانڊيو جو رھواسي پنجن ٻارن جو پيءُ 50 سالن جو محمد رحيم چانڊيو شادي جي ڄڃ سان ويندي پنگريو- ونگو روڊ تي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. پنگريو صحت مرڪز مان فوري طبي امداد بعد زخميءَ کي بدين ريفر ڪيو ئي ويو ته هو ستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. ضروري ڪارروائي بعد لاش گهر نيو ويو.