پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان ڳوٺ گل محمد کوسو واسي علي حيدر کوسو پريس ڪلب پھچي دانھيندي چيو ته برادري جا غلام نبي کوسو ۽ ٻيا مٿس ڪارو ھجڻ جي تھمت ھڻي مارڻ چاھين ٿا 2 ڏينھن اڳ کيس پنگريو کان کوسڪي ايندي موٽرسائيڪل تان ڪيرائي زخمي ڪيو آهي، جنھن ڪري بدين صحت مرڪز ۾ بيھوشي واري حالت ۾ داخل ڪيو ويو، اهڙي دانهن پنگريو ٿاڻي تي به ڏني پر پوليس منھنجي واهر ناهي ڪئي، غلام نبي وارن مان مونکي خطرو آهي،آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين نوٽيس وٺي تحفظ ڏيارين.