پنگريو (ن پ ا) پنگريو لڳ سيد سمن سرڪار جي ميلي مان ڳوٺ طرف واپس ويندي تيز رفتاري سبب موڙ ڪاٽيندي رڪشا ڪلٽي ٿي پيو ، جنھن ۾ رڪشا ڊرائيور علي نواز کوسي  واسي 40 ورهين جو نوجوان 6 ٻارن جو پيءَ گلزار کوسو شديد زخمي ٿي پيو،جنهن کي پنگريو صحت مرڪز آندو ويو جتي اڻپورين طبعي سھولتن سبب ڳڻتي جوڳي  حالت ۾ زخمي گلزار کوسو کي سول اسپتال ٽنڊو باگو ريفر ڪيو  ويو ته رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي  ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويورڪشي ۾ موجود ھڪ ڄڻو ٻيو معجزاڻي نموني زخمي ٿيڻ کان بچي ويو