پنگريو: زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل، اڳوڻو يوسي چيئرمين زخمي، 4 ڄڻا گرفتار

0
33
پنگريو: زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل، اڳوڻو يوسي چيئرمين زخمي، 4 ڄڻا گرفتار
پنگريو: زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل، اڳوڻو يوسي چيئرمين زخمي، 4 ڄڻا گرفتار

پنگريو  (رپورٽ: علي مراد شاهه) لاڙ جي پُرامن شهر پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل، اڳوڻو يوسي چيئرمين زخمي،4 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل، ڇڪتاڻ تي ضابطي لاءِ ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي نفري طلب خبر موجب پنگريو لڳ ديهه روپاڙو ۾ 140 ايڪڙ زرعي زمين ۾ بيٺل ڪمند جو فصل کڻڻ تان جوڻيجن ۽ آرائين برادرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 28 سالن جو نوجوان خالد چانڊيو ۽ يوسي خليفه قاسم جو اڳوڻو چيئرمين جاويد جوڻيجو زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽنڊوباگو اسپتال آندو ويو، جتي نوجوان خالد چانڊيو جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، جنهن جو مڙهه پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جاويد جوڻيجو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ٻئي طرف پوليس فوتي خالد چانڊيو جي چاچي جي فرياد تي منور، ذوالفقار ۽ بهادر آرائين خلاف ڪيس داخل ڪري آرائين برادري جي 4 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ڪري پوليس ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان وڌيڪ نفري طلب ڪري ورتي آهي، ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ٽنڊوباگو راجڪمار پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته زمين جو تڪرار 35 کان 40 سال پراڻو آهي، ويڙهه ۾ هڪ نوجوان فوت ۽ ٻيو زخمي ٿيو آهي، واقعي ڪيس داخل ڪيو آهي، جاچ ڪريون پيا.