پنگريو(ن پ ا) اڪرم واهه ۽ خيرپور گنڀو جي پوڇڙين ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ 4آر سيم نالي ۽ شادي سمال واهه جي مورين جي تعمير ايل بي او ڊي ۽ قدرتي وھڪرن جي بحالي سميت پنگريو ۽ آسپاس جي علائيقن سان ناانصافين خلاف شھرين، آبادگارن، واپارين، ٽيل آبادگار ايسوسيئشن، بدين جسقم، ايس ٽي پي سميت ٻين پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب پنگريو اڳيان ڌڻو ھنيو ،عزيز ڏيرو، پير فياض شاهه، عبدالغفور، نديم، رمضان لنڊ، ارشد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان جي سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارا ايترا ته بي حس ٿي ويا آھن جو ھو ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن، ايل بي او ڊي جي گنجائش وڌائڻ جو معاملو ھجي يا قدرتي وھڪرن جي بحالي ھجي سارين جي اگھن تي عمل جي ڳالھه ھجي، لاڳاپيل کاتا مڪمل طور بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آھن، ڪرپشن عروج تي آهي، پر نگران سرڪار ۽ ضلع انتظاميا بدين جي پنگريو سميت ٻين علائقن ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جڏھن ته لاڙ جي لال سيد سمن سرڪار جو ميلو لڳڻ وارو آهه 30 آڪٽوبر کان لکين پانڌيئڙا ميلي ۾ ايندا پر پنگريو جي وچ مين روڊ تي شادي سمال واهه جي موري 10 ڏينھن کان ٽٽي پئي آهي، جنھن لاءِ آبپاشي کاتي وارا چون ٿا ھاءِ وي کاتي وارا ٺھرائيندا پر ٻنھي ادارن مان ڪير به موري ٺھرائيڻ لاءِ تيار نه آهي جنھن ڪري پانڌيئڙن جي آمند ۾ رڪاوٽ سان گڏ شھرجو ڪاروبار تباهه ٿي رھجي ويو، ساڳي ڳالھه 4آر سيم نالي جي به آهي ھنن نگران سرڪار ۽ ضلع انتظاميا کان گھر ڪئي ته جلد مسئلا حل ڪري شھرين ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.