دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) راولپنڊي ٽيسٽ ۾ سلو اوور ريٽ جي بنياد تي پاڪستان ۽ بنگلاديش تي ڏنڊ لڳي ويو آهي. پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٽيمن تي سلو اوور ريٽ سبب ڏنڊ هنيو ويو آهي، ميچ ۾ پاڪستان ڇهه اوور ۽ بنگلاديش ٽي اوور مقرر وقت کان پوئتي رهيو، جنهن سبب پاڪستان ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ڇهن پوائنٽن تان هٿ ڌوئي ويٺو ۽ مهمان ٽيم به 3 پوائنٽن کان محروم ٿي وئي آهي. ان کانسواءِ پاڪستان ٽيم جي ميچ فيس جو ٽيهه سيڪڙو جڏهن ته بنگلاديش تي پندرنهن سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو ويو آهي. پاڪستاني ٽيم ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي اٺين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته فتح باوجود بنگلاديش ڇهين کان ستين نمبر تي هلي وئي آهي. بنگلاديشي آل رائونڊر شڪيب الحسن تي آءِ سي سي ظابطن جي ڀڃڪڙي تي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏني وئي ۽ مٿس ميچ فيس جو ڏهه سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو آهي، شڪيب الحسن بالنگ دوران محمد رضوان ڏانهن بال ٿرو ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن بنگلاديش راولپنڊي ۾ تاريخ رقم ڪندي پاڪستان کي ڏهن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.