پنوعاقل (ن پ ا ) پنوعاقل جي بائجي چوڪ وٽ قومي شاهراھ تي هٿياربندن سماجي ڪارڪن ۽ پ پ ورڪر ڄام گلابي سميجو کي موٽر سائيڪل تان ڪيري سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته شھرين زخمي کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو جتي ماڻهن جو هجوم جمع ٿي ويو جنهن ۾ پ پ جو اطلاعات سيڪريٽري رشيد ڪورائي، يوسي پنو غلام علي جو وائيس چيئرمين غلام حسين چاچڙ، ارشاد خان ڪلوڙ، ايڊووڪيٽ محمد دائود عباسي، سنڌي ادبي سنگت شاخ بپني عاقل جو اڳوڻو سيڪريٽري مير حيات رضوي ۽ ٻيا موجود هئا. جڏھن ته زخمي کي تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد ايمبولنس ۾ سندس نوجوان ڀاءُ وڪيل نويد غفور سميجو معرفت سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته زخمي جو چوڻ ھو ته سازش تحت برادري جو مامرو ٺاهي سياسي طور انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پ پ قيادت، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان حملي آورن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪريان ٿو.