پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ۾ شھرين ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به شھر ۾ شٽر بند هڙتال رھي، مختلف علائقن ۾ سڄو ڏينهن ڪاروبار بند رھيو، جڏھن ته احتجاجي ڪيمپ تي شھرين ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪري بدامني خلاف احتجاج ريڪارڊ ڪرايو احتجاجي ڪيمپ ۾ اڳواڻن جمال ناصر بلو ، احسان ملڪ ، احسان ميراڻي ، مولانا اظھر حسيني ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ٻن ڏينهن کان شھري پاڻمرادو پنھنجو ڪاروبار بند ڪري بدامني خلاف احتجاج ريڪارڊ ڪري رھيا آھن پر سکر پوليس جي ڪن تي جونءَ نٿي ڇري ڪيمپ ٻاھران چئن نوجوانن سلمان ميراڻي ۽ نعمان ، ياسين جتوئي ۽ مينھل جتوئي جي کي پوليس طرفان کنڀڻ خلاف ڪيمپ تي ويٺل مظاھرين پاران پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي (سڀاڻي) اڄ سکر پوليس جو علامتي نماز جنازه ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي جڏھن ته اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سکر پوليس جا بالا آفيسر جيستائين پاڻ اچي ٿيل چورين جي رڪيوري جي خاطري نه ڪرائيندا تيستائين ھي جدوجھد جاري رھندو اڳواڻن پاران اڄ پنوعاقل جي قومي شاھراهه تي ڌرڻي جو چتاءُ به ڏنو ويو آھي.