پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ ميونسپل انتظاميا جي يو آءِ ڪائونسلر ساگر کتري ۽ جي يو آءِ منارٽي ونگ جي صوبائي ڪنوينر روي ڪمار کتري جي دڪانن کي سيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ميونسپل انتظاميا ۽ مختيارڪار دڪانن تي پھچي سيل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڏي انگ ۾ جي يو آءِ ڪارڪن پھچي ويا، ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ مولانا صالح انڍڙ جو چوڻ ھو ته پ پ ايم پي اي ۽ سينيٽر سيف الله ڌاريجو انتقامي ڪارروائين تي لھي آيا آھن، اسان پنھجي ڪارڪنن سان ڪا به ناجائزي برداشت نه ڪنداسين، ڪائونسلر ساگر کتري جو چوڻ ھو ته اسان خلاف انتقامي ڪارروائيون ھندو برادري کي ھتان لڏائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، اسان ڪڏھن به پنھنجي ڌرتي کي نه ڇڏينداسين، هوڏانهن ميونسپل انتظامي جو چوڻ آھي ته جي يو آءِ ڪائونسلر وٽ جيڪو دڪان آھي اھو ميونسپل جي ملڪيت آھي ان ڪري اُن کي سيل ڪيو ويندو.