پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ۾ ھڪ دفعو ٻيھر حددخلين خلاف آپريشن، ڇپرا ۽ دڪا ڊاھي پٽ ڪيا ويا، اي سي ردا زھرا ٽالپر جي اڳواڻي ۾ آپريشن دوران شهر جي عيد گاھه چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي دڪا، ٿلها ۽ ڇپرا ڊاھي پٽ ڪيا ويا، اي سي ۽ سي ايم او پنوعاقل سجاد سمائر موجب دعا چوڪ کان بائيجي چوڪ تائين روڊ ويڪرو ڪرڻ وارو منصوبو هلي پيو، جنهن جي تڪميل لاءِ آخري مرحلي ۾ دڪاندارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ بعد حددخليون ڊاٿيون آهن.