پني عاقل ۽ ڏهرڪي ڀرسان 3 ڄڻا اغوا، هٿياربند 2 پورهيتن ۽ چڱي مڙس کي کڻي ويا

0
29
پني عاقل ۽ ڏهرڪي ڀرسان 3 ڄڻا اغوا، هٿياربند 2 پورهيتن ۽ چڱي مڙس کي کڻي ويا
پني عاقل ۽ ڏهرڪي ڀرسان 3 ڄڻا اغوا، هٿياربند 2 پورهيتن ۽ چڱي مڙس کي کڻي ويا

ڏهرڪي/پنوعاقل (نمائندن وٽان) پنوعاقل ۽ ڏهرڪي ڀرسان 3 ڄڻا اغوا، ڪيس داخل، وارث پريشان، پوليس پيرا وڃائي موٽي آئي، خبر موجب پنو عاقل جي گدپور واري ڪچي مان ٻه پورھيت اغوا ٿي ويا، ڪچي جي ڳوٺ مٺو انڍڙ ۾ ٽيوب ويل جو بور ڪرڻ لاءِ ٻن گھوٽڪي واسي پورھيتن الياس منگي ۽ عبدالله سومرو کي ڏوھاري اغوا ڪري ويا، اطلاع تي پوليس پھچي پيرا کنيا، جيڪي درياءَه پار ويا، علائقي واسين جو چوڻ آھي ته ڏوھاري ٻنھي ڄڻن کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ درياءَ پار ٽپي ويا آھن، پوليس جو چوڻ آھي ته مغوين جي آزادي لاءِ ڪوششون جاري آھن، هوڏانهن گذريل رات دير سان ڏهرڪي واسي چڱو مڙس زميندار مٽل خان مهر سنڌ پنجاب دنگ ريڻي ڪئنال واري زمين تي ويل هو جتان لاپتا ٿي ويو، سندس موبائيل فون جي لوڪيشن ڪچي ۾ اچڻ بعد وارثن اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي، مٽل خان جي ڀاءُ پناهه مهر ٻڌايو ته ڀاءُ کي پنجاب واري زمين تان اغوا ڪيو ويو آھي، جنهن جي موبائيل فون جي لوڪيشن پنجاب جي ڪچي ۾ اچي رهي آھي، هوڏانهن وارثن پاران پنجاب جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي تي نامعلوم جوابدار خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.