پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽينڪر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، ماءُ ۽ پٽ فوت، ايمبولينس نه پهتي، لاش رڪشا تي اسپتال نيا ويا، خبر موجب دادلوءِ قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽينڪر موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙھي ويو، حادثي ۾ نوجوان شاھنواز شيخ ۽ سندس امڙ مسمات نوران فوت ٿي ويا، اطلاع باوجود ايمبولينس نه پھچڻ تي ماءُ پٽ جا لاش رڪشا تي اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس ڪارروائي ڪندي آئل ٽينڪر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار ٿيل نوجوان ۽ سندس امڙ گھوٽڪي کان صالح پٽ وڃي رھيا ھئا ته دادلوءِ قومي شاھراهه وٽ حادثو ٿيو.