پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 3 ٻارڙين سميت 4 ڄڻا فوت، 10 زخمي

0
21
پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 3 ٻارڙين سميت 4 ڄڻا فوت، 10 زخمي
پني عاقل ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 3 ٻارڙين سميت 4 ڄڻا فوت، 10 زخمي

پنوعاقل(رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل سي پيڪ موٽروي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، ٻن ٻارڙين سميت 4 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي، خبر موجب قومي شاهراهه تي سانگي وٽ سکر ملتان موٽروي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 سالاحانيه، 6 مھينن جي رحيما، نيٿو مل ۽ محمد ھاشم فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عائشا، حمزهه، عليشا، زينب، ثمينا، شازيا، محمد امجد، علينا ۽ ٻيا شامل آهن، اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو، جتان ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين سکر ريفر ڪيو ويو، جڏھن ته فوت ٿيلن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، موٽروي پوليس جو چوڻ ھو ته مسافر ڪوچ ڪراچي کان علي پور پنجاب وڃي رھي ھئي ته اڳيان ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجڻ سبب حادثو پيش آيو.