پنوعاقل(رپورٽ: نديم بوزدار) پني عاقل ڀرسان شڪي مزاج جوابدار فون تي ڳالهائڻ تان ڀيڻ ماري ڇڏي. ان ڏ س۾  پنوعاقل ڀرسان سانگي ۾ جوابدار غيرت جي نالي تي پنھنجي ڀيڻ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو جوابدار صابر آرائين پنھنجي ڀيڻ صابران کي فون تي ڳالھائيندي ڏسي غيرت ۾ اچي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ قانوني گھرجون پوريون ڪري لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار صابر آرائين کي پستول سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي. ايس ايس پي سکر اظھر خان مغل جو چوڻ آھي ته جوابدار ڀيڻ کي فون تي ڳالھائيندي ڏسي قتل ڪيو جوابدار خلاف سرڪار جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي .