پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان سانگي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار عظيم جاگيراڻي پنھنجي زال مسمات ارشاد خاتون کي ڪارنھن الزام ھيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو جڏھن ته لاش کي پوليس تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتي جتان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي گھر کڻائي ويا جڏھن ته سانگي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن سرڪار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.