پنوعاقل (رپورٽ:نديم بوزدار) پنوعاقل ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي ۽ ڪاروباري تنظيمن ، سياسي سماجي ڌرين طرفان شٽر ڊائون هڙتال جي اعلان بعد پنوعاقل شھر بدامني خلاف مڪمل طور بند رھي ، دوڪاندارن رضاڪارانه طور بدامني خلاف سارو ڏينهن ڪاروبار بند ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرايو جڏھن ته شٽر ڊائون هڙتال کانپوءِ مندر گلي چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي جتي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرايو احتجاجي ڪيمپ تي موجود بار جي صدر جمال ناصر بلو ، جي يو آئي جي اظھر حسيني ، پيپلزپارٽي جي ميان عبدالقوي انڍڙ ، عاشق علي بوزدار ، بابر مصطفي بوزدار ۽ شھرين فياض شيخ ، احسان ملڪ ، پرڀ داس سميت ٻين جو چوڻ ھو ته بدامني سبب شھري غير محفوظ بڻيل آھن ڏوھي وارداتن ۾ گھٽتائي بجاءِ روز پيو اضافو ٿئي ھنن چيو ڏوھاري روز شھر اندر جديد ھٿيارن سان داخل ٿي ڦر جون وارداتون ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پر پوليس جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي چري ھنن چيو ڪجهه مھينا اڳ احسان سوناري جي دوڪان مان ٿيل چوري به رڪيور نه ٿي.

شهرين پاران بدامني خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

پنو عاقل :  احتجاج تي ويٺل شهرين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايس ايس پي سکر احتجاجي ڪيمپ تي پھچي ڪا خاطر خواهه جواب نه ڏنو ته ٽن ڏينهن تائين شٽر ڊائون هڙتال جاري رھندو، ان کانپوءِ ٻي مرحلي ۾ قومي شاھراہ تي ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو ويو آھي  جڏھن ته احتجاجي ڪيمپ دوران پوليس جا اٽالا شھر ۾ گشت ڪري واپارين کي ڪاروبار کولرائڻ لاءِ اپيلون ڪندا رھيا پر شھرين طرفان ڪاروبار کولڻ کان ٺپ جواب ڏنو ويو.

 

نياز ڪالاڻي احتجاجي ڪئمپ تي پھتو، احتجاج جي حمايت

پنو عاقل : قائم ٿيل احتجاجي ڪيمپ تي قومپرست اڳواڻ نياز ڪالاڻي پھتو جتي ھن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا شھر بدامني جي باھ ۾ ٻرن پيا شھرن شھرين کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي.