پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ عورت قتل ، سانگي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ڪارنھن الزام ھيٺ زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار زال کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو ، پوليس عورت جو لاش تعلقي اسپتال کڻائي پھتي ، پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش امڙ حوالي ڪيو ويو ،پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غازي ڏنو جتوئي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ جوابدار اسد جتوئي پنھنجي زال نجيبان جتوئي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو جوابدار عورت کي قتل ڪرڻ بعد واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو جڏھن ته پوليس ناري جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي تعلقي اسپتال پنوعاقل پھتي جتي قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش کي امڙ حوالي ڪيو ويو جيڪا گھر کڻائي وئي جڏھن ته سانگي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن ۽ سرڪار جي فرياد تي جوابدار خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي .