پنوعاقل (ن پ ا)پنوعاقل جي ڪچي جي ٻن مختلف علائقن ۾ سيلابي پاڻي ۾ نينگر سميت ٻه ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آھن ، پنوعاقل جي ڪچي گدپور ۽ بکو مھر  ۾ نينگر سميت ٻه ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آھن ڪچي جي گدپور واري علائقي ۾ سيلابي پاڻي ۾ 13 ورھين جو نينگر غفار چاچڙ ٻڏي ويو جنھن جي لاش ڳولا بعد ٻاھر ڪڍيو ويو جڏھن ته ڪچي ڳوٺ بکو مھر ۾ 21 ورھين جو نوجوان تاج محمد مھر سيلابي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آھي، جنھن جي وارثن ۽ علائقي واسين پاران لاش جي ڳولا لاءِ ٽوٻن ذريعن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏھن ته خبر لکڻ تائين نوجوان جو لاش ھٿ نه اچي سگھيو آھي.