پنوعاقل (ن پ ا) پنو عاقل مان اغوا ٿي ويل ٻالڪ عابد پٺاڻ ڏوهارين جي هڪ ٽولي کان ٻي ٽولي وٽ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 22 ڏينھن اڳ مھراڻ ڪالوني مان اغوا ٿيل ٻالڪ عابد پٺاڻ کي مبينا طور ڏوھارين جي ھڪ ٽولي پاران ٻئي ٽولي کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، مغوي ٻالڪ جي والد نورالدين پٺاڻ جو چوڻ آھي ته پٽ بابت خبر ملي آھي ته ڏوھارين جي ھڪ ٽولي ٻئي ٽولي کي وڪرو ڪيو آھي، ھن چيو ته پوليس کي سڄي خبر آھي ته منھنجو پٽ ڪھڙي ڏوھاري ٽولي وٽ آھي پر پوليس پوءِ به پٽ کي بازياب نٿي ڪرائي، ھن چيو ته پٽ زندهه حالت ۾ نٿا ڏيو ته ان جو لاش ئي واپس ڏيو، روز جي تڪليف کان ھڪڙي تڪليف ڏئي ڇڏيو، هن پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي، هوڏانهن ڊي ايس پي پنوعاقل محمد موسيٰ ابڙو جو چوڻ آھي ته ٻار جي وڪري بابت مونکي ڄاڻ ناھي، نينگر جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ ڪاروايون ھلندڙ آھن.