سکر/پنوعاقل (نمائندن وٽان) پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل پنجاب واسي مغوي نسيم خان کي ڌاڙيلن سان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب بائجي شريف ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ جاري ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نتيجي ۾ 2 مهينا اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي حد غوثپور مان اغوا ٿي ويل پنجاب واسي نسيم خان کي بازياب ڪرايو ويو، ڌاڙيل مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته مقابلو ٿيو، جنهن دوران ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڌاڙيل مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا.