پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ حسين ڪلوڙ ۾ اسڪول پڙھندڙ ٻارڙين کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، معصوم ٻارڙين اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو، ھڪ ٻارڙي جي والد پاران احتجاجي مظاھرو ڪندي هراسان ڪندڙ جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو جنھن کانپوءِ ميڊيا تي خبرون ھلڻ بعد ايس ايس پي سکر روحل کوسو نوٽيس وٺندي جوابدار جي گرفتاري جو بائجي پوليس کي حڪم ڏنو،  بائجي پوليس زوھيب ڪلوڙ جي فرياد تي معصوم ٻارڙين کي هراسان ڪندڙ جوابدار صدام ڪلوڙ تي ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، فريادي زوھيب ڪلوڙ احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار صدام ڪلوڙ نياڻين کي حراسان ڪندو ھو جنھن ڪري نياڻيڻ تعليم ڇڏي ڏني جڏھن ته ايس ايس پي روحل کوسو جو چوڻ ھو ته حراسان ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي جنھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.