پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل جي صحافي تي پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل، پوليس اٽالن جي گھر تي چڙھائي، صحافي جو ڀاءُ کنڀي گم، خبر موجب پنوعاقل جي نوجوان صحافي منيب انڍڙ خلاف پيڪا ايڪٽ تحت دادلوءِ ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته منيب انڍڙ صدر پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا تي توھين آميز ڌمڪيون ڏيڻ واريون پوسٽون رکي انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته صحافي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس اٽالن سندس گھر تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھر ۾ گھڙي سندس ڀاءُ عبدالقدير انڍڙ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو، صحافي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي صحافتي تنظيمن پاران مذمت ڪئي وئي آھي، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي مرڪزي قيادت سميت سکر يونين آف جرنلسٽ ۽ پنوعاقل يونين آف جرنلسٽ پاران ايف آءِ آر ختم ڪري صحافي کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.