پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل جي چونگھا چوڪ تي وين ڪلينر جو عورت تي تشدد، ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، خبر موجب چونگھا چوڪ تي وين ڪلينر پاران عورت کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس حرڪت ۾ اچي وئي، وڊيو ۾ وين ڪلينر ٽن عورتن مان ھڪ عورت کي تشدد جو نشانو بڻائيندي نظر اچي رهيو آهي، وين ڪلينر عورت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو، پنوعاقل پوليس جو چوڻ آھي ته عورت جي تشدد ۾ ملوث جوابدار جو نالو ڊان ڪورائي ٻڌايو پيو وڃي، هوڏانهن ايس ايس پي سکر پاران نوٽيس وٺڻ بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.