پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي بائيجي چوڪ وٽ قومي شاهراهه تي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 14 سالن جو سليم ڪمبوهه فوت ٿي ويو جنھن جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي گھر کڻائي ويا. جڏھن ته پوليس ٽرڪ کي پڪڙڻ بعد ڊرائيور کي به گرفتار ڪري ورتو.