پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل واسي نوجوان مبينا طور جوا ۾ پئسا ھارائڻ تان زھر پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، شهر جي غريب آباد واسي نوجوان آصف نواز سومرو ڪرڪيٽ بڪي جوا ۾ مبينا طور پئسا ھارائڻ کانپوءِ زھر پي ڇڏيو، نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پنوعاقل کان سکر ريفر ڪيو ويو، جتي هن علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان مڙھ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، علائقي ۾ چوٻول آھن ته نوجوان ڪرڪيٽ بڪي جوا ۾ پيسا ھارائڻ کانپوءِ دل برداشته ٿي زھر پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.