پنوعاقل ۾ معصوم ٻالڪ جي اغوا ۽ بدامني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، ريلي

0
17
پنوعاقل ۾ معصوم ٻالڪ جي اغوا ۽ بدامني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، ريلي
پنوعاقل ۾ معصوم ٻالڪ جي اغوا ۽ بدامني خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، ريلي

پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ۾ معصوم ٻالڪ جي اغوا ۽ بدامني خلاف شهرين جي ريلي، ھٿن ۾ اڇا جھنڊا کڻي پوليس خلاف نعريبازي، پنوعاقل ۾ سول سوسائٽي جي سڏ تي وڪيلن، شھرين ۽ سياسي سماجي ڌرين بدامني ۽ معصوم ٻالڪ عابد پٺاڻ جي اغوا خلاف ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي جمال ناصر بلو، نورالدين چوھاڻ، مفتي جميل ڪورائي، نيڪ محمد ڪورائي، مکي پرڀداس، احسان سونارو، فياض شيخ ۽ ٻين چيو ته شھرن ۾ ڏوھي وارداتون ٿيديون هيون هاڻي ته معصوم ٻار به اغوا ٿين پيا، ھنن چيو سکر پوليس مڪمل طور امن امان جي صورتحال کي بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي، ھنن چيو شھر مان ٿيل ڏوھ ھن مھل تائين پوليس رڪور ناھي ڪرائي سگھي، ھنن چيو شھري بدامني سبب غير محفوظ بڻيل آھن، پوليس چوي پئي ته بدامني ناھي، معصوم ٻار اغوا ٿين پيا، ھنن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل معصوم ٻار عابد پٺاڻ کي بازياب ڪرائي علائقي مان بدامني ختم ڪرائي وڃي.