پنوعاقل/سلطانپور (نمائندن وٽان) پنوعاقل جي پي ايس 22 تي جي يو آءِ اميدوار مبين بلو جون مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻيون، شھر جي اقليتي برادري طرفان ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان، مبين بلو پنوعاقل شھر جي سانول چوڪ، مھراڻ محلا، عباسي محلا، ديوان پاڙي، ڳوٺ وارث ڏنو ملڪ، ھاليجوي شريف، ڳوٺ امين مهر، رستم انڍڙ، محمد علي انڍڙ، وزير ملاڻو، منگهو مياڻي، الله ڏوايو ملاڻو، والو انڍڙ، جيئو انڍڙ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته علائقي واسي 35 سالن کان رڳو ھڪ جماعت ۽ ھڪ ئي خاندان جي ماڻھن کي ووٽ ڏيندا پيا اچن، جن عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، هن چيو ته عوام هاڻي پراڻن اميدوارن مان بيزار ٿي چڪو آهي، هن چيو ته مون کي مختلف پارٽين ۽ شخصيتن جي حاميت حاصل آهي، عوام جي مدد سان ضرور سوڀ ماڻينداسين، ان موقعي تي ملڪ، ملاڻا ۽ ميراڻي برادري جي معززن رحيم بخش ميراڻي جي اڳواڻي ۾ پ پ ڇڏي جي يو آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.