پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ۾ 40 نياڻين جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي، ڏاج به ڏنو ويو، خبر موجب پنوعاقل ۾ رٽائرڊ جج طرفان 40 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي، مقامي ھوٽل ۾ شادي جو مڪمل بندوبست ڪيو ويو، جتي نياڻين کي ڏاج ۾ گهريلو سامان پڻ ڏنو ويو، اجتماعي شادي جي تقريب ۾ 36 مقامي ۽ 4 ٻين علائقن کان آيل نياڻين پنهنجن وارثن سان گڏ شرڪت ڪئي، اجتماعي شادي جي تقريب ۾ علائقي جا عالم، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ شھري شريڪ ٿيا، جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائيندڙ رٽائرڊ جج شھاب الدين محمدي جو چوڻ ھو ته نياڻين کي قرآن پاڪ، بسترا، ڪچن سيٽ، ڪپڙا ۽ ٻيو گهريلو سامان ڏاج طور ڏنو ويو آھي ته جيئن اهي پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات عزت ۽ وقار سان ڪري سگهن، ھن چيو ته غربت سبب ڪيترائي والدين پنهنجين نياڻين جون شاديون وقت تي نٿا ڪرائي سگهن، اجتماعي شاديون ڪرائي نياڻين کي ڏاج ڏيڻ سان روحاني سڪون ملي ٿو.