پنوعاقل / سلطانپور (نمائندن وٽان) پنوعاقل ڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان کي پڪڙڻ بعد مبينا ڪارنھن الزام ڏئي  اجتماعي بدفعلي ڪرڻ جا چوٻول ھلندڙ آھن، ان ڏس ۾  علائقي ۾ چوٻول آھن ته پنوعاقل واسي نوجوان ڪ ميراڻي کي ھاليجوي واري علائقي ۾ برقعو پھريل  حالت ۾ ھڪ گھر مان پڪڙيو ويو، اڻ تصديق ٿيل اطلاعن موجب ته نوجوان کي جمعي واري ڏينهن 2 وڳي   ڌاري پڪڙڻ بعد  ڪارنھن الزام ڏئي ھڪ عورت کي به گھران ڪڍيو ويو، جڏھن ته علائقي ۾ اھي چوٻول آھن ته نوجوان کي اجتماعي بدفعلي ڪرڻ بعد بيھوش ٿيڻ تي ڇڏي وارثن کي فون تي اطلاع ڏئي گھرايو ويو، جنھن بعد  ِ رات ئي رات ۾ پنوعاقل جي ھڪ بااثر جي سرپرستي ۾ جرڳو ڪيو ويو ۽ نوجوان مٿان 10 لک ڏنڊ وڌو ويو ،2 لک معاف ڪيا ويا، 8 لک جو ڏيڻ جو ضامن سرپئنچ بااثر پيو، اطلاع آھن ته نوجوان کي وارث بيھوشي واري حالت ۾ سکر علاج لاءِ کڻائي ويا آھن، جڏھن ته ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس سڄي مامري کان لاتعلقي ظاھر ڪئي آھي.