پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان ڪڪڙين سان ڀريل مزدا ڪلٽي، ڊرائيور سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پنوعاقل ويجهو قومي شاھراهه تي حادثو پيش آيو، جنھن سبب ڪڪڙين سان ڀريل مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ساائينداد ڪلوڙ، عبدالفتاح ڪلوڙ ۽ مشتاق آچراڻي سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.