پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب دادلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنيسر بلو ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان بلا ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 40 ورھين جو منٺار بلو مارجي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آھي ته ڌرين ۾ ڪارنھن جو پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو مارجي ويو آھي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.