پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي سانگي قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول کان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، ھڪ مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻه مسافر زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ مسمات خليلان ۽ زاھد جٽ شامل آهن. مسافر جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو ويو، ايمبولينس جي ڊرائيور موجب مسافر جو ماڻھو کيسو ئي ڪٽي ويا آھن، جنھن ڪري سڃاڻپ ڪارڊ ئي ناھي مليو جو فوتي جو سڃاڻپ ڪري سگھجي ته ڪٿان جو آھي؟ خبر لکڻ تائين فوتي مسافر جو لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل ۾ لاوارث حالت ۾ پيل رھيو جڏھن ته مسافر ڪوچ جو ڊرائيور حادثي کانپوءِ فرار ٿي ويو ، سانگي پوليس موجب مسافر ڪوچ ڪراچي کان صادق آباد طرف وڃي رھي ھئي ته سانگي ڀرسان ھنگورو قومي شاهراهه تي تيز رفتاري جي ڪري حادثو پيش آيو.