پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان رولو ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻالڪ دم ڏئي ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ عبدالله شاهه ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ 7 ورهين جي فاروق پٽ سليمان ڪلهوڙو کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو، ڪالهه ٻالڪ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، وارثن جو چوڻ آھي ته رولو ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻالڪ جو مقامي سطح تي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ھو پر نينگر صحتياب نه ٿي سگھيو.