پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ۾ نينگر سان مبينا طور بدفعلي، ان ڏس ۾ بشير آباد واسي نينگر علي گل چوھاڻ کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو،  متاثر نينگر موجب ته  جوابدار امام بخش چوھاڻ مٽي کڻڻ جي مزدوري جو بھانو ڪري ڀيلار ڀرسان وٺي وڃڻ بعد فصل ۾ بدفعلي جو نشانو بڻايو ، متاثر نينگر والدين سان گڏ پنوعاقل ٿاڻي تي پھتو جتي ميڊيڪل ليٽر نه ڏنو، ٻي طرف نينگر جي وارثن احتجاج ڪندي چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، انصاف ڪيو وڃي.